سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر

سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر

شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر

شاهنواز سوڍر ،ڊاڪٽر: نامور محقق ۽ لطيف شناسُ ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر، 10 مئي 1940ع تي ڳوٺ ٿاڻي سوڍر (فيض محمد سوڍر)، تعلقي وارهه، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ جي مڪتب مان، قرآن شريف ناظره پنهنجي ڏاڏي محمد خان سوڍر وٽ پڙهي پورو ڪيو. اديب سنڌي، مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. 1969ع ڌاري ايم. اي سنڌي ۽ 1972ع ۾ بي. ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ انٽرنيشنل رليشن ۾ پڻ ڊگري ورتائين. 1973ع ۾ ڪميشن پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن دوران ٺٽي، لاڙڪاڻي ۽ نئين ديري ڊگري ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ’سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف‘ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکي، 1988ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي سندس هيءَ پهرين ٿيسز آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به لطيفيات تي پهرين ٿيسز آهي. ڊاڪٽر سوڍر ڪيترو عرصو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو، آخر ۾ نئين ديري ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنهنجي عمر جو وڏو حصو شاهه لطيف تي تحقيق ڪندي گذاريو. هن تحقيق کانسواءِ شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊراما پڻ لکيا. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاهه لطيف ڪانفرنس، سچل ادبي ڪانفرنس سميت ٻين ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو. سندس شروع ۾ ڊرامن طرف به ڪافي گهڻو لاڙو رهيو. سندس ٻه سنڌي ڊراما ’ڏاڏاڻي ڏيهه ۾‘ (1985ع) ۽ ’نصيب‘ (1986ع) پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيا هئا. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1990ع)، (2) ثقافت ۽ شاهه لطيف'>سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (1991ع)، (3) ’اوجاڳي اُجاريا‘ (2000ع). سندس ڪهاڻيون، تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. سنڌ جي هن عالم ۽ اديب 15 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.05.10  عيسوي

نامور محقق ۽ لطيف شناسُ ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر، 10 مئي 1940ع تي ڳوٺ ٿاڻي سوڍر (فيض محمد سوڍر)، تعلقي وارهه، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.


2003.03.15  عيسوي

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍي 15 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر
ڌاريجو علي حسن
جميلا هاشمي 1
صديق سالڪ برگيڊيئر
چڍڙ رمضان دلدار
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
رحيمداد مولائي شيدائي
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
عاجز ڪريم پوري
صبا دشتياري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون